ڀوڄي مل مالهيءَ وارو خوني کوهه

ڀوڄي مل مالهيءَ وارو خوني کوهه: هيءُ کوهه ڳوٺ مسڻ وڏي (ضلعي مٽياري) کان اتر اوڀر طرف ڦٽل ڍوري جي پرئين ڀر 1947ع کان گھڻو اڳ موجود هو. مسڻ جاگير جي سروي نمبر 22 تي سرڪاري نقشي ۾ اڄ به ”کوهه“ لفظ لکيل موجود آهي. هن وقت اها ايراضي رحيم خان ولد رئيس خان لغاريءَ جي قبضي ۾ آهي. کوهه جو مٿيون حصو ڪچو هو. روايت آهي ته اتفاق سان ڪوس (پاڻي ڇڪڻ جو ٻوڪو) کوهه ۾ ڦاسي پيو، پوڄو مل مالهي اندر گھڙي ڦاٿل ڪوس ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مٿانئس اوچتو واري وري ويئي. کوٽائي ڪري کيس جيئرو ڪڍيو ويو، مگر انهيءَ ڀيانڪ حادثي کان جانبر نه ٿي سگھيو. ان بعد هن کوهه تي ”ڀوڄي مل مالهيءَ وارو کوهه“ نالو پئجي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو